هنڱورجا (ويب ڊيسڪ) هنڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال سولنگي ۾ 6 ورهين جي معصوم نينگر کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب اطلاع ملڻ تي هنڱورجا پوليس فوري طور ڳوٺ نهال سولنگي پهتي، جتي مبينا طور معصوم نينگر اسد سولنگي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار سليمان سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايڇ او هنڱورجا اقبال نون موجب جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته متاثر نينگر جي طبي جاچ (ميڊيڪل) ڪرائڻ لاءِ وارثن کي ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته وارثن ۽ رهواسين پاران جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.


