ميهڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ قتل، جوابدار گرفتار

1 Min Read

دادو (رپورٽ: الله بخش خشڪ) دادو ضلعي جي تعلقي ميهڙ ۾ ڀاءُ پاران پنهنجي ڀيڻ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.

پوليس موجب واقعو ميهڙ جي ذوالفقار ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي جوابدار دلبر مبينا طور پنهنجي ڀيڻ صفيان، زال اسلم ڏيپر، کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ ميهڙ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم سميت قانوني مرحلا مڪمل ڪيا پيا وڃن.

ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس فوري ڪارروائي ڪندي مقتولا جي ڀاءُ دلبر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ٻين قانوني مرحلن لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment