قلات ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪندي فتنه الہندوستان سان لاڳاپيل 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز کي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي بابت مصدقه انٽيليجنس اطلاع ملي هئي، جنهن کانپوءِ دهشتگردن جي ٺڪاڻي جي نشاندهي ڪري مسلسل نگراني ڪئي وئي ۽ بروقت ڪارروائي ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻائي 12 دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو، جڏهن ته ٺڪاڻي تان هٿيار، گولا بارود ۽ آءِ اي ڊيز پڻ هٿ ڪيون ويون، جن کي موقعي تي ئي تباهه ڪيو ويو.
سڪيورٽي فورسز موجب علائقي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروايون جاري رهنديون.
هوڏانهن بلوچستان جي علائقي ڀاڳ ۾ به دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير جي معاون شاهه رند موجب لڳ ڀڳ 40 دهشتگردن پوليس اسٽيشن، بينڪ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس تي ڳرن هٿيارن، راڪيٽن ۽ دستي بمن سان حملو ڪيو.
شاهه رند موجب پوليس اهلڪارن جوانمردي سان مزاحمت ڪندي دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن ته دهشتگرد پوليس اسٽيشن تي قبضو ڪرڻ ۽ هٿيار ڦرڻ ۾ ناڪام رهيا.
دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ 3 شهري زخمي ٿيا. ٻئي طرف بم ڊسپوزل يونٽ بينڪ ۾ دهشتگردن پاران نصب ڪيل آءِ اي ڊي کي به ناڪاره بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگرد بينڪ مان ڪا به نقد رقم کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.


