وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ 15 صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال ملڪ ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي موجوده چئن صوبن کي ننڍن صوبن ۾ ورهائڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

احسن اقبال موجب ملڪ ۾ 12 کان 15 نوان صوبا قائم ڪرڻ بابت قومي ۽ سياسي بحث شروع ٿيڻ گهرجي. هن وزيراعظم شهباز شريف کي تجويز ڏني آهي ته انتظامي سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ قانون واري وزير جي نگراني ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا نون صوبن ۽ انتظامي ڍانچي بابت تجويزون سامهون آڻي.

وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته موجوده انتظامي نظام عوام کي گهربل سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته صوبائي نظام وقت سان گڏ وڌيڪ مرڪزي بڻجي ويو آهي، جنهن جو اثر صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي خدمتن تي پئجي رهيو آهي.

احسن اقبال واضح ڪيو ته نون صوبن جو قيام سياسي اتفاقِ راءِ کانسواءِ ممڪن نه هوندو، تنهن ڪري هن معاملي تي سمورين سياسي ڌرين سان صلاح مشورا ۽ قومي سطح تي بحث ضروري آهي.

ٻئي طرف سنڌ ۾ هن تجويز تي سخت سياسي ردعمل سامهون آيو آهي. سنڌ اسيمبلي 3 سيپٽمبر تي سنڌ جي ورهاڱي ۽ صوبائي حدن ۾ تبديلي خلاف قرارداد منظور ڪئي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه واضح ڪيو ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي ڪو به سمجهوتو قبول نه ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن سنڌ کي ناقابلِ تقسيم قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي مستقبل ۽ حدن بابت فيصلو سنڌ جي چونڊيل ايوان جي مرضي کانسواءِ نٿو ٿي سگهي.

هوڏانهن اپوزيشن طرفان به سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪئي وئي، جڏهن ته انتظامي يونٽن جي قيام ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ بابت سنجيده بحث جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

وزيراعظم جي صلاحڪار رانا احسان افضل خان موجب، هن وقت نون صوبن يا انتظامي يونٽن بابت ڪو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جائزي واري ڪميٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment