هر معاملي ۾ وومين ڪارڊ استعمال نه ڪرڻ گهرجي: اداڪاره صنم سعيد

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت اداڪارا صنم سعيد عورتن جي حقن ۽ سماجي تبديلي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ ضرور آواز اٿارڻ گهرجي، پر هر معاملي ۾ “وومين ڪارڊ” استعمال نه ڪرڻ گهرجي۔

صنم سعيد، جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري سان گڏ سنجيده ڳالهين لاءِ پڻ سڃاتي وڃي ٿي، تازو هڪ انٽرويو دوران پاڪستان ۾ عورتن جي حقن واري تحريڪ بابت کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔

 هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن کي تعليم، وراثت، برابر پگهار ۽ تحفظ جهڙا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد انتهائي اهم هئي، ڇو ته اڄ به ڪيترين عورتن کي اهي بنيادي سهولتون حاصل ناهن۔

اداڪارا موجب بدقسمتي سان عورتن جي حقن سان لاڳاپيل اصل مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران هاڻي بحث جو رخ ٻين معاملن ڏانهن موڙيو وڃي ٿو، جنهن سبب حقيقي تبديلي جو عمل متاثر ٿئي ٿو۔

صنم سعيد ورڪ پليس تي عورتن جي حقن ۽ برابري بابت ڳالهائيندي چيو ته مؤثر رابطي ۽ مثبت اندازِ گفتگو ئي تبديلي جي ڪنجي آهي۔ سندس چوڻ هو ته عورتن کي رڳو ان بنياد تي مطالبا نه ڪرڻ گهرجن ته هو عورت آهن، پر پنهنجي موقف کي بنيادي حق طور پيش ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ عملي جدوجهد به ڪرڻ گهرجي۔

اداڪارا جي هن بيان کي سوشل ميڊيا تي وڏي توجهه ملي رهي آهي ۽ صارفين سندس خيالن بابت مختلف راءِ ظاهر ڪري رهيا آهن۔

Share This Article
Leave a Comment