استنبول ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جي خاص دعوت تي ڇنڇر ڏينهن استنبول پهچندو، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني اهم شعبن بابت اعليٰ سطحي ڳالهيون ٿينديون.
هي ملاقات اهڙي وقت ٿي رهي آهي، جڏهن وچ اوڀر ۾ تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال، علائقي ۾ امن جا امڪان ۽ عالمي سفارتي سرگرميون نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب هن ملاقات کي غير معمولي اهميت حاصل ٿي وئي آهي.
سفارتي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر اردگان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران دفاع، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صنعت، علائقائي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني پهلوئن جو جامع جائزو ورتو ويندو.
ٻئي اڳواڻ ان ڳالهه تي به غور ڪندا ته گذريل سالن دوران قائم ٿيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي اقتصادي سهڪار کي نون بلندين تائين ڪيئن پهچايو وڃي.
صدر اردگان ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات اهڙي مرحلي تي پڻ ٿي رهي آهي، جڏهن ايندڙ هفتي انقره ۾ نيٽو جي اهم اجلاس ۽ يورپي توڙي علائقائي سفارتي سرگرمين جي تناظر ۾ وچ اوڀر جي صورتحال عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
اميد آهي ته ٻئي اڳواڻ غزه، ايران، شام، وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال، علائقائي سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي، توانائي جي تحفظ ۽ بدلجندڙ عالمي سياسي منظرنامي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.
پاڪستان ۽ ترڪي ٻئي ايران جا پاڙيسري ملڪ آهن ۽ تهران سان ويجها ۽ دوستانه لاڳاپا رکن ٿا. ان تناظر ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علائقي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ مستقبل جي علائقائي حڪمت عملي بابت صلاح مشوري کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي. سفارتي مبصرن موجب اسلام آباد ۽ انقره علائقي ۾ ڇڪتاڻ بدران ڳالهين، اقتصادي سهڪار ۽ علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ واري گڏيل موقف تي متفق آهن، جنهن سان مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي سگهي ٿو.
دوري جو اقتصادي پهلو به غير معمولي اهميت رکي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف استنبول ۾ پاڪستان-ترڪي بزنس فورم کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ ترڪي جو نائب صدر جودت يلماز، ٻنهي ملڪن جا وفاقي وزير، ناليوارا صنعتڪار، سيڙپڪار، ڪاروباري تنظيمن جا نمائندا ۽ اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا.
بزنس فورم جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي ترڪي جي ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪرڻ آهي. ان موقعي تي خاص اقتصادي زونز (SEZs)، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بنيادي ڍانچي، پيداوار، واپار ۽ نجڪاري سميت ڪيترن ئي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا امڪان اجاگر ڪيا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي اهم ڪاروباري گروپن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان الڳ الڳ ملاقاتون پڻ ڪندو، جن دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا، حڪومتي سهولتون ۽ مراعتون، ڪاروباري آسانيون ۽ ٻطرفي اقتصادي سهڪار جي نون منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.


