ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف ڪيس، جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس ۾ جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔

 ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جرم ثابت ٿيڻ تي جوابدار عمر حيات کي موت جي سزا ڏني وڃي ٿي۔

عدالت جوابدار تي ٻين قلمَن تحت ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ۽ مجموعي طور 30 سال قيد ۽ 24 لک رپيا جرمانو به مقرر ڪيو۔

عدالت جوابدار کي ٽن ٻين قلمَن تحت 10، 10 سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي، جڏهن ته ڦر ۽ گهر ۾ زبردستي داخل ٿيڻ وارين قلمَن تحت به 10، 10 سال قيد جي سزا ڏني وئي۔

ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جوابدار جون فون ڪالون ۽ ڳالهيون لکيل تصويرون پيش ڪيون ويون۔ مدعي جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار کي ٻه ڀيرا موت جي سزا ڏني وڃي.

 جڏهن ته جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عمر حيات سرڪاري وڪيل ۽ مقدمي هلائيندڙ عدالت تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان ٻه درخواستون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڃا ٻڌڻي هيٺ آهن۔

وڪيل چيو ته اڳواٽ اهو طئي ڪرڻ ته جوابدار کي هر حال ۾ موت جي سزا ڏيڻي آهي، زيادتي هوندي۔ جوابدار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 10-اي تحت جوابدار کي انصاف ڀريي ٻڌڻي جو حق حاصل آهي ۽ عدالت کي غير سرڪاري تنظيمن يا آزاد خيال سماج جي دٻاءَ کان متاثر ٿيڻ بنا فيصلو ڪرڻ گهرجي۔

ان موقعي تي جج افضل مجوڪا وڪيل جي ريمارڪس تي ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته عدالت کي گمراهه نه ڪيو وڃي۔

 واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران جوابدار عمر حيات عدالت ۾ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته هن نه ثنا يوسف جي قتل جو اعتراف ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪو انڪشاف ڪيو آهي۔

جوابدار دعويٰ ڪئي ته سندس ثنا يوسف سان ڪو رابطو نه هو، جڏهن ته جج پاران موبائل جاچ بابت سوال تي هن وڪيل جي موجودگي کانسواءِ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو۔ ياد رهي ته ثنا يوسف کي 2 جون 2025 تي اسلام آباد ۾ سندس گهر اندر قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار عمر حيات کي 3 جون 2025 تي جڙانواله مان گرفتار ڪيو ويو هو۔

Share This Article
Leave a Comment