ٺل ڀرسان ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل، جوابدار فرار

1 Min Read

 جيڪب آباد ( رپورٽ: حاڪم شيخ )  جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل جي ڳوٺ بهادرپور ۾ گهرو تڪرار دوران هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو.

پوليس موجب حضور بخش بگٽي مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀاءُ احمد بخش بگٽي کي قتل ڪري ڇڏيو. ابتدائي ڄاڻ موجب ٻنهي ڀائرن ۾ پئسن جي ضامن نه پوڻ واري معاملي تان تڪرار پيدا ٿيو، جنهن بعد واقعو پيش آيو.

مقامي ذريعن موجب مقتول ۽ جوابدار بلوچستان جي سئي شهر جا رهواسي هئا، جيڪي پنهنجن مامن وٽ مزدوري ۽ ڪمائڻ لاءِ بهادرپور آيل هئا.

واقعي جي اطلاع تي دلمراد ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار حضور بخش بگٽي واقعي کان پوءِ بلوچستان طرف فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

دلمراد پوليس موجب احمد بخش بگٽي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment