ٽنڊوالهيار: (رپورٽر) ٽنڊوالهيار باءِ پاس تي نيو چاند مڪرم اڏي سامهون تيز رفتار بس موٽرسائيڪل سوار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو سني موقعي تي فوت ٿي ويو.
حادثو ميرپورخاص کان حيدرآباد ويندڙ موٽرسائيڪل سوار سان پيش آيو، جنهن کي تيز رفتار راجا ڪامران بس چيڀاٽي ڇڏيو.
حادثي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ شهري پڻ گڏ ٿي ويا. پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 25 ورهين جي سني طور ڪئي وئي آهي، جيڪو حيدرآباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


