گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) خيرپور جي علائقي ٽنڊو مستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري روبينا عرف خالده چانڊيو ڪيس ۾ زيادتي جا ثبوت ناهن ملي سگهيا.
ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ٻُٽو چانڊيو ۾ ٻه مهينا اڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ بيدردي سان قتل ڪيل ناري روبينه خالده چانڊيو جي ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب لمس يونيورسٽي ليبارٽري پاران تيار ڪيل ميڊيڪل جاچ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته مقتولا سان ڪنهن به قسم جي جنسي زيادتي جا ثبوت نه مليا آهن.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ناري بيگناهه هئي ۽ کيس صرف شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو ويو.
واضح رهي ته اپريل 2026 ۾ روبينا عرف خالده چانڊيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، وڊيو ۾ جوابدار سرعام روبينا کي گوليون هڻندي نظر اچي رهيا هئا.
پوليس هن ڪيس ۾ وڏيري نبن چانڊيو سميت 10 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جنهن جي عدالت ضمانت به رد ڪئي هئي.


