راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ناروي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ دفاع توڙي سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.
ناروي جو پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ائڊه ٻن ڏينهن جي پاڪستان دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ڌرين دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.
ناروي جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ادا ڪيل پيشوراڻي ڪردار کي ساراهيو.
ان کان اڳ اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناروي جي پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار دوران پاڪستان جي ثالثي واري ڪردار کي ساراهيو.
ايسپن بارٿ ائڊه چيو ته پاڪستان جو ڪردار دنيا لاءِ هڪ اهم خدمت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ناروي انهن مغربي ملڪن مان هو، جن ايران خلاف شروع ٿيل جنگ کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيڻ ۾ واضح ۽ اڳڀرو موقف اختيار ڪيو.
ناروي جي پرڏيهي وزير زور ڏنو ته جيڪڏهن عالمي قانون جي پاسداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته اهو قانون هر ڪنهن، هر هنڌ ۽ هر وقت لاڳو ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان ۽ ناروي وچ ۾ تازين ملاقاتن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي.


