ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ٻيهر مقرري تي پروفيسرن جو وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر ايسوسيئيٽ پروفيسرن ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ٻيهر مقرري تي خدشن جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ وفاقي محتسب اعليٰ کي خط لکي ڇڏيو آهي.

متاثر پروفيسرن پاران لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ايم ڊي سي جي 19 مئي واري نوٽيفڪيشن جي ٻئي پيرا کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ترقيءَ جا منتظر 6 ايسوسيئيٽ پروفيسرن جون ترقيون متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ايم ڊي سي جي واضح هدايتن جي ابتڙ ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي وئي، جنهن تي يونيورسٽي جي سينيئر پروفيسرن ۾ خدشا پيدا ٿيا آهن.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر نگهت شاهه کي ريٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيهر مقرري ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڏني وئي آهي.

ترجمان موجب ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ڪانٽريڪٽ تي مقرري سان اداري ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ٻين آفيسرن جي سينيارٽي متاثر نه ٿيندي.

سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ڪانٽريڪٽ تي مقرري جو موجوده آفيسرن جي سينيارٽي ۽ پروموشن سان ڪو به تعلق ناهي.

هاڻي معاملو خط ذريعي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي محتسب تائين پهچڻ کانپوءِ يونيورسٽي ۾ سينيارٽي، ترقي ۽ ريٽائرڊ آفيسر جي ٻيهر مقرري بابت پيدا ٿيل خدشن تي وڌيڪ وضاحت سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment