ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون قرار ڏنيون ويون آهن.
ڪجه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تيه تصوير تيزي سان وائرل ٿي، جنهن ۾ چوڌري پرويز الاهي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندي نظر اچي پيو.
تصوير کانپوءِ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ته چوڌري پرويز الاهي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
پيپلزپارٽي جي ذريعن سنڌ وائيس کي ٻڌايو آهي ته ان خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ چوڌري پرويز الاهي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تصوير آءِ اي ذريعي ٺاهي وئي آهي.


