حڪومت ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بابت وڏي سخاوت

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  حڪومت پيٽروليم شين جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڊيزل مهانگو جڏهن ته پيٽرول سستو ڪيو ويو آهي.

پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 24 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 390 رپيا 62 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف پيٽرول جي قيمت ۾ 75 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 335 رپيا 6 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگهه 30 جولاءِ کان لاڳو ٿيندا.

واضح رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي ڪندي ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 55 پئسا ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيو 63 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment