ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ڏهن مهينن دوران پاڪستان ۾ فري لانسنگ ذريعي حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ 49 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته مالي سال جي پڄاڻي تائين فري لانسنگ مان حاصل ٿيندڙ آمدني هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويندي۔
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، هلندڙ مالي سال جي پهرين نون مهينن دوران پاڪستانين فري لانسنگ ذريعي 95 ڪروڙ آمريڪي ڊالرن جيترو پرڏيهي ناڻو ڪمايو آهي۔
اسٽيٽ بئنڪ موجب، ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن سروسز جي شعبي ۾ جولاءِ 2025ع کان اپريل 2026ع تائين 95 ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالرن جي پرڏيهي آمدني حاصل ٿي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي دوران فري لانسنگ مان حاصل ٿيندڙ آمدني 64 ڪروڙ 20 لک ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي هئي۔
اهڙي طرح فري لانسنگ ذريعي حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ 49 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ تائين وڌندڙ رسائي نوجوانن لاءِ آن لائين پليٽفارمن ذريعي ڪمائي جا وسيع موقعا پيدا ڪيا آهن۔
پاڪستان فري لائنس ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته فري لانسرن جي آمدني ۾ اضافو مختلف فري لانسنگ پليٽفارمن جهڙوڪ اپ ورڪ، فائيور ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽفارمن تي پاڪستاني فري لانسرن جي وڌندڙ شرڪت سبب ممڪن ٿيو آهي۔
ايسوسيئيشن موجب پاڪستان ۾ فري لانسنگ ڪميونٽي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ۽ ان وٽ رجسٽرڊ فري لانسرن جو انگ 30 لک تائين پهچي چڪو آهي۔ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته بئنڪنگ شعبي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سبب فري لانسنگ ڪميونٽي ۾ وڌيڪ واڌ ٿي رهي آهي۔
آئي ٽي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوان افرادي قوت فري لانسنگ بابت آگاهي، آن لائين سکيا ۽ مختلف تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجون مهارتون وڌايون آهن، جنهن سبب هو عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاميابي سان خدمتون مهيا ڪري رهيا آهن۔


