پاڪستان ۾ يومِ فضائيه جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ يومِ فضائيه ملهايو پيو وڃي، جنهن جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فضائيه جي بهادر جوانن ۽ شهيدن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

پاڪستاني فضائي سرحد جي دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي پيغامن ۾، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي وطن جو دفاع ڪيو.

سندن جرات، قربانيون ۽ بهادري سڄي قوم لاءِ فخر جوڳي آهي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ فضائي هيروز جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

Share This Article
Leave a Comment