پاڪستان ۾ گوگل سروس جو افتتاح، جيمنائي سروس مفت ڏيڻ جو اعلان

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ گوگل جي آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گوگل جي وفد ملاقات پڻ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گوگل لاءِ هڪ اهم ۽ خوبصورت نئين سفر جي شروعات آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ گوگل لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن.

گوگل جي نائب صدر چيو ته ڪمپني پاڪستان سان ڊگهي مدي واري ڀائيواري چاهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي واڌاري لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

گوگل جي نائب صدر اهو پڻ اعلان ڪيو ته جلد پاڪستاني شاگردن کي هڪ سال لاءِ گوگل جي مصنوعي ذهانت واري سروس Gemini مفت فراهم ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment