فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ايران سان جاري جنگ تان تڪڙ ۾ پوئتي نه هٽندو، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان اهو مسئلو ٻيهر ڪنڌ کڻي سگهي ٿو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري “رائٽرز” موجب، آمريڪي صدرڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا هن ڀيري ايران مان ”ڪم مڪمل ڪرڻ کانسواءِ“ واپس نه ويندو، ته جيئن ڪجهه سالن بعد ٻيهر اهڙي ڪنهن بحران جو منهن ڏسڻ نه پوي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جنگ مان جلد بازي ۾ نڪتو ته 3 سالن بعد اهو ساڳيو مسئلو ٻيهر پيدا ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هن ڀيري هڪ مڪمل ۽ دائمي حل ضروري آهي.
صدر ٽرمپ موجب، آمريڪا ايران جنگ کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو جنگ جي ڪنهن به عارضي معاهدي يا حڪمت عملي کي قبول نه ڪندا.
جيتوڻيڪ صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ اها وضاحت نه ڪئي ته آمريڪا ڪهڙو ڪم مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو، پر ان کان اڳ هو ڪيترائي ڀيرا ايران ۾ ”نظام جي تبديلي“جو اشارو ڏئي چڪو آهي.
جنگ جي پهرين ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي قيادت کي آمريڪا لاءِ خطرو قرار ڏيندي، صدر ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ايران ۾ نئين قيادت آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪري چڪو آهي.


