پرڏيهي قرضن ۾ دٻيل 8 ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ ڀارت پهريون، پاڪستان ٻيو نمبر

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ايشيا جا ملڪ پرڏيهي قرضن جي بار هيٺ دٻيل ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهن، جن ۾ ڀارت پهرين ۽ پاڪستان ٻئي نمبر تي آهي.

2026ع جي رپورٽ موجب ڀارت تي ڪل ٻاهريون قرض 765 ارب ڊالر آهي. ڀارت جو هر شهري سراسري طور 535 ڊالر جو قرضي آهي.

پاڪستان تي ڪل ٻاهريون قرض 138 ارب ڊالر آهي، جڏهن ته هر شهري تي سراسري قرض 530 ڊالر اچي ٿو.

بنگلاديش جو ڪل ٻاهريون قرض 102 ارب ڊالر آهي، ۽ في شهري قرض لڳ ڀڳ 590 ڊالر آهي.

سريلنڪا جو ڪل قرض 57 ارب ڊالر آهي، في شهري قرض تمام وڌيڪ يعني 2590 ڊالر آهي.

پرڏيهي قرضن جي فهرست ۾ نيپال پنجين نمبر تي آهي، جنهن جو ڪل قرض 11 ارب ڊالر آهي ۽ في شهري قرض 370 ڊالر آهي.

ڀوٽان جو ڪل قرض 3.5 ارب ڊالر آهي، جڏهن ته في شهري قرض 4400 ڊالر آهي.

مالديپ جو ڪل قرض 4 ارب ڊالر آهي ۽ هر شهري تي 7500 ڊالر جو قرض اچي ٿو.

افغانستان تي ڪل پرڏيهي قرض 2.5 ارب ڊالر آهي، ۽ هر افغان شهري تي سراسري 60 ڊالر جو قرض آهي.

Share This Article
Leave a Comment