پنوعاقل(منشاد احمد) حيدرآباد ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل پنوعاقل واسي نوجوان جهانگير مهيسر به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
جهانگير مهيسر حادثي ۾ سيد منصور شاهه سان گڏ سخت زخمي ٿيو هو، جنهن کانپوءِ کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال ۾ علاج دوران جهانگير مهيسر زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻئي نوجوان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.


