تلهار (صابر حسين لغاري) تلهار ويجهو ڳوٺ گل محمد بهراڻي جي رهواسين پاران قبرستان ڏانهن ويندڙ رستو مبينا طور بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙ عرض محمد بهراڻي، نصيب الله بهراڻي، خالد حسين بهراڻي ۽ ٻين چيو ته قبرستان ڏانهن ويندڙ رستو اسماعيل کوسو ۽ غلام رسول سمون پاران بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڳوٺاڻن جي اچ وڃ متاثر ٿي رهي آهي ۽ ميتن جي تدفين لاءِ قبرستان وڃڻ ۾ پڻ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
هنن چيو ته معاملي بابت عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو، جنهن رستو کولڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ تلهار جي لاڳاپيل اختيارين رستو کولرائي ڇڏيو، پر الزام آهي ته ڪجهه بااثر ماڻهن ٻيهر رستو بند ڪري ڇڏيو.
احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان معاملي جو نوٽيس وٺي قبرستان ڏانهن ويندڙ رستو مستقل طور کولرائڻ ۽ ڳوٺاڻن کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جي غلام رسول سمون چيو ته اهو رستو هن پنهنجي ذاتي خرچ تي ٺهرايو هو، جيڪو بعد ۾ مخالف کوسا برادري جي ڪجهه ماڻهن ٻيهر بند ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بهراڻي برادري ۽ سرڪاري ادارا رستو کولرائڻ چاهين ٿا ته کيس ڪو اعتراض ناهي.


