پنڪي جو رمانڊ وٺڻ لاءِ پوليس سرگرم، اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) گارڊن واري علائقي مان گرفتار ڪوڪين جي وڏي سپلائر انمول عرف پنڪي کي اڄ جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
پراسڪيوشن ذريعن موجب بغدادي پوليس جوابدار عورت کي کڻي سٽي ڪورٽ پهچي وئي آهي جتي سندس وڪيل مير هدايت الله ايڊووڪيٽ پڻ موجود آهي.
ٻئي طرف جوابدار عورت جو ريمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ٿاڻن جي جاچ پوليس پڻ سرگرم ٿي وئي آهي.
گزري ۽ درخشان ٿاڻن جا جاچ آفيسر پڻ عدالت پهچي ويا آهن.
گزري پوليس جو چوڻ آهي ته عورت خلاف 2021 ۽ 2022 جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته درخشان پوليس موجب مٿس 2021، 2022 ۽ 2025 جا ڪيس آهن، پوليس پاران 5 ڪيسن ۾ ريمانڊ جي استدعا ڪئي ويندي.
هوڏانهن ايس آءِ يو پوليس پڻ 2025 جي هڪ ڪيس ۾ رمانڊ لاءِ عدالت پهتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سچل ٿاڻي ۾ داخل نئين ڪيس ۾ جوابدار عورت کي ملير ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو پڻ امڪان آهي.
ياد رهي ته پوليس پنڪي کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي منشيات ۽ پستول هٿ ڪئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment