واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هرمز لنگهه جي بندش تي ايران سان صبر جو پيمانو ٽٽي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب بيجنگ تان واپسي دوران ايئر فورس ون ۾ ڳالهائيندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته چيني صدر شي جن پنگ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي پر چين سڌي ريت مداخلت جو ڪو اشارو ناهي ڏنو.
ٽرمپ چيو ته هو ايراني تيل برآمد ڪندڙ چيني ڪمپنين تي آمريڪي پابندين ۾ نرمي جي امڪان تي غور ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته چين اڃا تائين ايراني ڪچي تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان چين کان ڪو احسان ناهيان گهري رهيو، ڇاڪاڻ ته بدلي ۾ احسان ڪرڻا پوندا آهن.
ياد رهي ته آمريڪا پاران گذريل مهيني حملا معطل ڪرڻ باوجود “آپريشن پراجيڪٽ فريڊم” تحت بحري ناڪابندي جاري آهي، جنهن تي تهران جو چوڻ آهي ته جيستائين واشنگٽن ناڪابندي ختم نه ڪندو هرمز لنگهه محدود رهندو.
ٽرمپ چتاءُ ڏنو ته ايران پاران ڳالهين کان انڪار تي آمريڪا ٻيهر فوجي ڪارروائي شروع ڪري سگهي ٿو.

هرمز لنگهه بند ڪرڻ تي ايران سان صبر جو پيمانو ٽٽي رهيو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
Leave a Comment Leave a Comment

