ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلمن جي سپر اسٽار اداڪار رجني ڪانٿ آخرڪار جوزف وجي جي تامل ناڊو جي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ رياست جو وڏو وزير بڻجڻ بابت پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي۔
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو دوران رجني ڪانت انهن خبرن ۽ افواهن تي ردعمل ڏنو، جن ۾ چيو پئي ويو ته هو جوزف وجي جي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ وڏو وزير بڻجڻ تي ناخوش آهن۔
رجني ڪانٿ چيو ته چونڊن بابت مٿس تمام گهڻي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن هو جواب نه ڏئي ها ته ماڻهو انهن ڳالهين کي سچ سمجهن ها۔
هن چيو ته چونڊ نتيجن کانپوءِ هو تامل ناڊو جي اڳوڻي وڏي وزير ايم ڪي اسٽيلن سان مليو، جنهن تي به مٿس تنقيد ڪئي وئي، جڏهن ته سندن دوستي سياست کان مٿانهين آهي۔
رجني ڪانت انهن افواهن کي به رد ڪري ڇڏيو، جن ۾ چيو پئي ويو ته وجي جي وڏي وزير بڻجڻ تي هو ناراض يا حسد جو شڪار آهن۔ هن چيو ته وجي جي ڪاميابي تي هن فوري طور کيس مبارڪباد ڏني هئي۔ سندس چوڻ هو ته “مان ته سياست ۾ به ناهيان، پوءِ مون کي وجي سان حسد ڇو ٿيندو؟”
مزاحيه انداز ۾ هن چيو ته شايد جيڪڏهن ڪمل حسن وڏو وزير بڻجي وڃي ته پوءِ کيس حسد ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته وجي ۽ سندس وچ ۾ 25 سالن جو فرق آهي، تنهن ڪري سندن مقابلو مناسب نٿو لڳي۔
ڪمل هاسن بابت سندس مزاحيه جملو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ مداحن پريس ميٽ جون وڊيوز وڏي پيماني تي شيئر ڪيون۔ رجني ڪانت اهو به چيو ته وجي جي سياسي ڪاميابي جي خبر سندس لاءِ حيران ڪندڙ هئي۔


