دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ دوران سلو اوور ريٽ برقرار رکڻ تي پاڪستان وومينز ٽيم تي ميچ فيس جو 5 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي موجب پاڪستاني ٽيم مقرر وقت اندر هڪ اوور گهٽ ڪرائي سگهي، جنهن سبب ٽيم تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءِ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي سزا قبول ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ٻڌڻي جي ضرورت پيش نه آئي.
واضح رهي ته آچر ڏينهن کيڏي ويل وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون جي ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 64 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 170 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته 171 رنسن جي حدف جي تعاقب ۾ پاڪستان وومينز ٽيم 106 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
ڀارت خلاف شڪست کان پوءِ پاڪستاني ٽيم کي سلو اوور ريٽ جي ڪري ڏنڊ کي به منهن ڏيڻو پيو.


