Focus with Zardari

ڊرامن ۾ اهڙا منظر فلمائيندي آهيان، جو والدين به ڏسي سگهن: اداڪاره حنا طارق

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حنا طارق چيو آهي ته هو هر ڪم سوچي سمجهي ڪندي آهي ۽ شوٽنگ دوران به اهڙن منظرن کي ترجيح ڏيندي آهي جيڪي سندس والدين به آرام سان گڏ ويهي ڏسي سگهن.

اداڪارا ويجهڙائي ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن فني سفر سان گڏ مختلف موضوعن تي ويچار ونڊيا.

شوبز ۾ پنهنجي ڪردارن ۽ لباس جي چونڊ بابت هن چيو ته هڪ اداڪار جي زندگي رڳو شوبز تائين محدود نه هوندي آهي، ان جي هڪ ذاتي زندگي به هوندي آهي ۽ نيٺ هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن شادي به ڪرڻي هوندي آهي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته ”مان ڪم دوران ان نقطي کي ذهن ۾ رکندي آهيان، ڇاڪاڻ ته هڪ عورت پوري سماج کي هلائي ٿي، ٽي نسل هڪ عورت تي ڀاڙيندا آهن، ان ڪري مان هر ڪم سوچي سمجهي ڪندي آهيان.“

- Advertisement -

حنا طارق جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي لباس جي چونڊ تمام گهڻي احتياط سان ڪري ٿي.
هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ عام طور تي وڌيڪ بولڊ منظر نٿا ڏيکاريا وڃن، پر ان باوجود هوءَ ان حوالي سان محتاط رهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ کيس پنهنجي ڪردار يا معيار موجب نه لڳندي آهي ته هوءَ ڊائريڪٽر کي انڪار ڪري ڇڏيندي آهي.

Share This Article
Leave a Comment