ڄامشورو (باسط ملاح): ڄامشورو ضلعي جي ٿاڻو عارب خان روڊ تي هڪ افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ تيز رفتار ڪار اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ نئون ڄاول ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فوت ٿيل عورتن جي سڃاڻپ تاجل شاهنو ۽ نازان شاهنو طور ڪئي وئي آهي.
زخمين ۾ ڊرائيور مير محمد برهماڻي، جمن شاهنو ۽ سلطاني شاهنو شامل آهن.
حادثي کان پوءِ فوت ٿيلن ۽ زخمين کي فوري طور بولا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب ڪار ۾ سوار خاندان بولا خان اسپتال وڃي رهيو هو ته رستي ۾ حادثو پيش آيو.
پوليس موجب ڪار تيز رفتاري سبب موڙ وٺندي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


