ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج رنگ لاتو، ڀارتي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

1 Min Read

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۾ جين زي جي احتجاج کانپوءِ تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽن مطابق ڌرميندر پرڌان پنهنجي استعيفيٰ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڏانهن اماڻي جنهن کي قبول ڪيو ويو.

ڀارتي تعليم واري وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ذريعي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ جو باضابطا اعلان پڻ ڪيو.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وزير جي استعيفيٰ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاجن کانپوءِ واري صورتحال سان واڳيل آهي.

Share This Article
Leave a Comment