ڏهرڪي: (ويب ڊيسڪ) ٻه سال اڳ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ قتل ٿيل صحافي محمد بچل گهنڃو جي قتل جو جرڳو ميان رفيق احمد جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جوابدار ڌر تي مجموعي طور هڪ ڪروڙ 33 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
جرڳي دوران جوابدار ڌر پاران قتل جو اعتراف ڪرڻ بعد خون بها جا 40 لک، ناجائز قتل تي 40 لک ۽ صحافي هجڻ سبب وڌيڪ 20 لک رپيا عيوضو مقرر ڪيو ويو. عورتن جي قتل بابت 10 لک، فيصلي کانپوءِ ٻيهر وڙهڻ تي 10 لک ۽ فريادي ڌر جي ڪيس خرچ لاءِ 8 لک رپيا رکيا ويا.
فيصلي بعد ٻنهي ڌرين رضامندي ظاهر ڪئي. ڏنڊ جي رقم جوابدار ڌر ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي، جڏهن ته موقعي تي پهرين قسط طور 2 لک رپيا ادا ڪيا ويا.
جرڳي ۾ جوابدار ڌر جي ياسين گهنڃو ۽ فريادي ڌر جي سچل گهنڃو پنهنجا بيان ڏنا، جن کي سرپئنچن ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو. صحافي بچل گهنڃو کي آگسٽ 2024ع ۾ رائونتي ڀرسان هٿياربندن قتل ڪيو هو.


