ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن جي گڏيل ڪارروائين دوران شهر جي ٻن مختلف هنڌن تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 5 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي موجب گرفتار ٿيل بي ايل اي سان لاڳاپيل دهشتگردن ۾ عمران خان عرف شوڪت، ظهير احمد ۽ محمد رياض شامل آهن. جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته جوابدارن دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحمان جي هدايت تي مختلف حساس هنڌن جي ريڪي ڪئي هئي.
سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار ظهير احمد 2024ع دوران بلوچستان جي علائقي ساجدي بازار گشڪور ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ملوث رهيو، جنهن ۾ ايف سي جا اهلڪار زخمي ٿيا هئا. جوابدار تي بي ايل اي جي نالي تي ڀتو وصول ڪرڻ جو الزام پڻ آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ظهير احمد 2024ع ۾ بي ايل اي جي ٽريننگ ڪيمپ مان تربيت پڻ حاصل ڪئي هئي.
جاچ ڪندڙ ادارن موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد ڪراچي جي حساس هنڌن تي دهشتگرد ڪارروائين لاءِ پنهنجن ٻين ساٿين جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
ٻئي طرف فتنه الخوارج سان لاڳاپيل گرفتار جوابدارن ۾ حجت الله ۽ حبيب الله شامل آهن. سي ٽي ڊي موجب ٻنهي جوابدارن 2024ع دوران افغانستان ۾ تنظيم جي ٽريننگ ڪيمپ مان تربيت حاصل ڪئي هئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪمانڊر هدايت الله جي هدايت تي تازو ڪراچي پهتا هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسن جي ريڪي ڪري ان جون تفصيلون پنهنجي ڪمانڊر ڏانهن موڪليون هيون. هو افغانستان مان ايندڙ ٻين ساٿين جي انتظار ۾ هئا ته جيئن پنهنجن هدفن تي دهشتگرد ڪارروائيون ڪري سگهن.
ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان پنج عدد 30 بور پستول، چيمبر ۾ لوڊ پنج گوليون، ميگزينن ۾ 21 زنده گوليون ۽ ٻه موبائل فون هٿ ڪيا ويا.
سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪراچي جي سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان اهم انڪشافن جي اميد آهي، جن جي بنياد تي وڌيڪ ڇاپا مار ڪارروائيون پڻ جاري آهن.


