ڪراچي: منشيات فروش انمول عرف پنڪي جو 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سٽي ڪورٽ منشيات جي وڏي سپلائر انمول عرف پنڪي کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ موجب، گذريل ڏينهن عدالت رمانڊ جي استدعا رد ڪئي هئي، پر اڄ نئين حقيقتن ۽ ماضي جي ڏوهاري رڪارڊ سان گڏ ٻيهر استدعا ڪئي وئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.
ياد رهي ته جوابدار عورت کي گذريل ڏينهن گارڊن واري علائقي مان حساس ادارن ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائيءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
پنڪي جي قبضي مان ڪروڙين روپين جي ڪوڪين ۽ غير قانوني هٿيار به مليا هئا.
ٻئي طرف، عدالت ۾ بنا هٿڪڙي پيشي ۽ جوابدار کي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏيڻ واري اسڪينڊل تي سخت ايڪشن کنيو ويو آهي.
ايس ايڇ او گارڊن حنيف سيال ۽ ايس آءِ يو انسپيڪٽر ظفر اقبال کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي سائوٿ پاران انڪوائري ڪئي پئي وڃي ته ڪيئن هڪ خطرناڪ ڏوهاري عورت کي قانون سان مذاق ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

Share This Article
Leave a Comment