ڪراچي: منشيات ڪيسن ۾ انمول عرف پنڪي جي بريت خلاف اپيل جو فيصلو

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سٽي ڪورٽ ۾ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ انمول عرف پنڪي جي ٽن ڪيسن ۾ بريت خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پراسيڪيوشن فيصلي جون تصديق ٿيل ڪاپيون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته انمول عرف پنڪي جي بريت سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو ته نه جوابدار تي فردِ جرم لاڳو ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو.

پراسيڪيوشن ذريعن موجب تصديق ٿيل ڪاپيون ملڻ بعد فيصلي جو جائزو وٺي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ منشيات جي ٽن ڪيسن ۾ انمول عرف پنڪي کي بري ڪيو هو.

Share This Article
Leave a Comment