ڪراچي ( رپورٽر) قائد آباد ٿاڻي جي حد، لانڍي اسپتال چورنگي ۽ يونس چورنگي جي وچ ۾ واقع مشهور ٽائر ڪمپني جي سامهون هڪ ٽرالر هيٺ اچي ٻه نوجوان فوت ٿي ويا. فوت ٿيل نوجوانن جا لاش چيپا ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.
حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ محمد ارشد ولد فضل الرحمان ۽ ضمير ولد نواب جي نالن سان ٿي آهي. فوت ٿيلن جي عمر 16 کان 18 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي.
قائد آباد جي ايس ايڇ او محمد اعجاز ٻڌايو ته فوت ٿيل محمد ارشد جو اصل تعلق خوشاب سان هو، جڏهن ته ضمير سانگهڙ جو رهواسي هو. ٻئي نوجوان پورهيت هئا ۽ ويجهي فيڪٽري ۾ ملازمت ڪندا هئا.
ايس ايڇ او موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ٻئي نوجوان گرمي کان بچڻ لاءِ هڪ بيٺل ٽرالر جي هيٺان ليٽي پيا هئا، جتي سندن اک لڳي وئي ۽ هو سمهي پيا. ان دوران ٽرالر جي ڊرائيور بي خبري ۾ گاڏي هلائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان ٽرالر جي ٽائرن هيٺ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پر پوليس کي ٽرالر ۽ ڊرائيور بابت اهم معلومات ملي وئي آهي، جنهن تي ڪم جاري آهي ۽ اميد آهي ته جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو. قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
فوت ٿيل ضمير حسين جي مٽ مائٽن جناح اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته “ضمير هڪ مال بردار گاڏي سان گڏ پورٽ قاسم آيو هو ۽ ٽريلر تي ڪلينر طور ڪم ڪندو هو. سندس شادي کي اڃا هڪ سال مس ٿيو هو. جنهن گاڏي تي هو ڪم ڪندو هو، اها سامان لاهڻ لاءِ فيڪٽري اندر وئي هئي، جڏهن ته ضمير ٻاهر ٻئي ٽريلر هيٺان چٽائي وڇائي آرام ڪري رهيو هو ته ساڳئي گاڏي کيس چيڀاٽي ڇڏيو.


