ڪراچي ۾ اڄ موسم جهڙالي رهندي، تيز هوائن ۽ هلڪي برسات جو امڪان

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) شهر ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، شهر ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائون گهلنديون، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي ڦڙ ڦڙ به ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هوا ۾ گهم 78 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.

Share This Article
Leave a Comment