ڪراچي ۾ بي رحمي جي انتها، تازو ڄاول ٻار کي عمارت تان اڇلايو ويو، لاش هٿ

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ رهائشي عمارت جي وٿين مان نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو آهي.

پوليس موجب بلاڪ 13 ڊي-2 ۾ قائم رهائشي عمارت جي ٽاور ون جي ڊڪ مان ٻار جو لاش مليو. شڪ آهي ته نئين ڄاول ٻار جو لاش عمارت جي ڊڪ ذريعي هيٺ اڇلايو ويو.

شروعاتي جاچ موجب لاش 2 کان 3 ڏينهن پراڻو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ادارن جا رضاڪار واقعي واري هنڌ پهتا.

پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري قانوني ڪارروائي بعد لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment