ڪراچي/راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪيمپ تي دهشتگردن جو وڏو حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ رينجرز جا 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، 27 جون تي ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ جي مرڪزي گيٽ تي ڌماڪو ڪرڻ کانپوءِ دهشتگردن سيڪيورٽي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
رينجرز جي جوانن فوري ڪارروائي ڪندي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ هڪ زخمي افغان دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينجرز جا 3 جوان شهيد ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي حملو ڀارتي پراڪسي تنظيم جماعت الاحرار جي خوارجين پاران ڪيو ويو هو.
وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته رينجرز جي جوانن بهادري سان دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.


