ڪراچي: هنداڻا وڪرو ڪندڙ هٿان چاٽ وڪرو ڪندڙ قتل

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ابوالحسن اصفهاني روڊ تي بينڪ الحبيب ويجهو تيز ڌار اوزار جي حملي سان زخمي ٿيل 16 سالن جو ڇوڪرو اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.
پوليس موجب مقتول علائقي ۾ چاٽ جي ريڙهي لڳائيندو هو، جنهن جو معمولي ڳالهه تان هنداڻا وڪڻندڙ هڪ شخص سان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران جوابدار مبينا طور تي ڇري جا وار ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو.
علائقي جي دڪاندارن نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو پر هو فوت ٿي ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment