ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سچل ٿاڻي جي حد غازي ڳوٺ ۾ 8 کان وڌيڪ هٿياربندن هوٽل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان شهباز مارجي ويو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ گلزار ۽ هڪ مزدور زخمي ٿي پيا.
مارجي ويل شهباز جو تعلق پنجاب سان هو ۽ هو هوٽل تي برگر ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو، وارثن موجب سندس 6 مهينا اڳ شادي ٿي هئي.


