گمبٽ: ناري جي مبينا اغوا خلاف والد جو احتجاج

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ جي ڪسان ڪالوني مان ناري تانيا کهڙو جي مبينا اغوا خلاف سندس والد اسدالله کهڙو پاران احتجاج ڪيو ويو.

والد جو چوڻ آهي ته نياڻي کي مبينا طور اغوا ٿئي هڪ مهينو گذري ويو آهي، جڏهن ته گمبٽ ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي، پر نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪا اثرائتي ڪارروائي ناهي ٿي.

اسدالله کهڙي الزام هنيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڏيڍ لک رپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي، اسان غريب آهيون ۽ مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر ڪريون ٿا.

هن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment