ڪراچي ۾ ڪرولا گينگ جي پوليس تي فائرنگ، 2 اهلڪار زخمي

1 Min Read

ملير (رپورٽر): ڪراچي ۾ پوليس موبائل تي ڪرولا گينگ جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ هڪ جوابدار به مارجي ويو.

اطلاعن موجب، واقعو رات دير سان ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ پيش آيو، جتي اڇي ڪرولا گينگ پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي.

شاهه لطيف پوليس موجب، ريڊيو پاڪستان ويجهو جوابدارن پوليس موبائيل کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي.

پوليس موجب، فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ گهربل جوابدار به مارجي ويو.

مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ قيصر خان جي نالي سان ٿي آهي. زخمي پوليس اهلڪار غلام عباس کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جا ساٿي گاڏي ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويا.

ياد رهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان ٿيل چئن مبينا مقابلن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ 6 گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا.

Share This Article
Leave a Comment