ڪوئيٽا: چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ڪوئيٽا گيريزن جو اهم دورو

2 Min Read

راولپنڊي / ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ۾ تربيت هيٺ آفيسرن توڙي فڪلٽي ميمبرن سان اهم خطاب ڪيو.
ان موقعي تي هن جديد جنگ جي تيزي سان بدلجندڙ ڪردار، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، ملٽي ڊومين آپريشنز ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي وچ ۾ بهترين هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏنو.
پنهنجي خطاب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان جي ترقي، عروج ۽ خوشحالي کي ڪنهن به ناڪاري پروپيگنڊا، فيڪ نيوز يا پرڏيهي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي جي ذريعي روڪي نٿو سگهجي.
هن واضح ڪيو ته جيڪي دشمن قوتون پروڪسيز ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستان جي ترقيءَ کي نقصان رسائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن، اهي رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي بي مثال اتحاد جي ڪري مڪمل طور تي ناڪام ٿينديون.
هٿياربند عوام جي سهڪار سان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ مڪمل پرعزم آهن.
فيلڊ مارشل وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جٽادار ترقي عوام دوست حڪمت عملي، بهتر حڪمراني ۽ اثرائتي سيڪيورٽي قدمن سان ئي ممڪن آهي.
هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو بدلجندڙ جنگي چيلنجز جو جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي ۽ جوانن جي مسلسل تربيت کي يقيني بڻائين ۽ پيشيوراڻي تياري جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکن.
دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان ۾ مقرر فارميشنز جي جوانن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ امن وامان جي قيام، سماجي ۽ معاشي بهتري ۽ رياست توڙي عوام جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بلوچستان حڪومت جي ڪوششن کي سخت ساراهيو.

Share This Article
Leave a Comment