سلهٽ ٽيسٽ ۾ آخري ڏهاڙو اهميت اختيار ڪري ويو، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 121 رنز گهربل

2 Min Read

سلهٽ  ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پاڪستان خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ پنهنجي پوزيشن تمام مضبوط ڪري ورتي آهي۔

 سلهٽ ۾ جاري ميچ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستان پنهنجي ٻي اننگز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهيون آهن ۽ ڪاميابي لاءِ اڃا به 121 رنسون گهرجن۔

 پاڪستان طرفان وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 75 رنز سان ڪريز تي موجود آهي، جڏهن ته ساجد خان 8  رنسون ٺاهي ساڻس گڏ بيٺل آهي۔

ٻين اهم بيٽرن ۾ شان مسعود۽ سلمان علي آغا 71-71 رنز اسڪور ڪيون، جڏهن ته بابر اعظم 47 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ اوپنر آذان اويس 21 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ سعود شڪيل رڳو 6-6 رنز ٺاهي واپس موٽي ويا.

بنگلاديش طرفان تجيع الاسلام 4 وڪيٽس ورتيون، جڏهن ته ناهيد رانا 2 ۽ محمد حسن مرزا هڪ وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ بنگلاديش پنهنجي ٻي اننگز ۾ 390 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 437 رنسن جو وڏو هدف ڏنو هو۔

پهرين اننگز ۾ بنگلاديش 278 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 232 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي۔ ميچ هاڻي انتهائي دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي پنجين ڏينهن پاڪستان کي ڏکيو هدف حاصل ڪرڻو پوندو، جڏهن ته بنگلاديش فتح کان صرف 3 وڪيٽون پري آهي۔

Share This Article
Leave a Comment