ميرپورخاص: (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ غلام محمد ۾ هڪ هندو عامل تي پنهنجي ساٿي سان گڏ ٻن نينگرين سان مبينا لڄالٽ ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. پوليس موجب واقعي ۾ هڪ نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ٻئي نينگريون پاڻ ۾ سئوٽ هيون ۽ سندن عمرون 13 ۽ 14 سال هيون. شروعاتي جاچ موجب هڪ نينگري پنهنجي ناراض ماءُ کي گهر واپس آڻڻ لاءِ پنهنجي سئوٽ سان گڏ عامل وٽ وئي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عامل مبينا طور ٻنهي نينگرين کي نشي آور شربت پياري پنهنجي ساٿي سان گڏ ساڻن لڄالٽ ڪئي.
پوليس موجب فوت ٿيل نينگري جو پوسٽ مارٽم، جڏهن ته زخمي نينگري جو ميڊيڪل معائنو ڪرايو ويو آهي.
واقعي کانپوءِ پوليس جوابدار رامون ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس فرار ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


