گمبٽ (ممتاز ميمڻ) پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻندو ٿاڻي جي حد ڪوٽ مير محمد جي ڪتائي ناريجا پاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل ٿي ويا.
فائرنگ جي نتيجي ۾ فتح محمد ناريجو ۽ سندس پٽ راجا ناريجو موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري هجڻ جون به اطلاع آهن.
ذريعن موجب فائرنگ دوران وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع مليا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.
واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.


