سانحي گل پلازا بابت جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ حادثي ۾ مختلف ڌرين ۽ ادارن جي ذميوارين جو تفصيلي تعين ڪيو ويو آهي. جسٽس آغا فيصل رپورٽ جي ديباچي ۾ شاعر مصطفى زيدي جو شعر به شامل ڪيو آهي:
”مان ڪنهن جي هٿ تي پنهنجو رت ڳوليان،
سڄي شهر دستانا پاتل آهن.“
رپورٽ موجب گل پلازا جي عمارت خطرناڪ حالت ۽ فائر سيفٽي قانونن جي ڀڃڪڙين باوجود مسلسل تجارتي استعمال هيٺ رهي، جڏهن ته انتظاميا کي معلوم خامين جي ڄاڻ هوندي به انهن کي ختم نه ڪيو ويو.
2024ع ۽ 2025ع جي سول ڊفينس رپورٽن ۾ فائر سيفٽي سامان جي کوٽ، آتش گير مواد جي موجودگي ۽ ايمرجنسي نڪرڻ وارن رستن ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، پر انهن خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ مؤثر قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته باهه جي اطلاع فائر بريگيڊ کي ڏيڻ ۾ انتهائي غير دانشمندانه دير ڪئي وئي. بجلي بند ٿيڻ سان عمارت اندر اونداهو ٿي ويو، جنهن سبب مٿين منزلن تان ٻاهر نڪرڻ جا امڪان وڌيڪ گهٽجي ويا. عمارت ۾ اسپيڪر سسٽم موجود هجڻ باوجود ان کي استعمال نه ڪيو ويو.
ڪميشن موجب گل پلازا جي منظور ٿيل منصوبي ۾ 1102 دڪان هئا، پر حقيقت ۾ 1153 دڪان موجود هئا، جڏهن ته دڪانن ۾ وڏي مقدار ۾ آتش گير سامان پڻ رکيل هو.
رپورٽ موجب فائر بريگيڊ پنهنجي مقرر ڪيل رسپانس معيار مطابق وقت تي نه پهتي ۽ لڳ ڀڳ 35 کان 40 منٽن کانپوءِ مؤثر فائر فائٽنگ شروع ٿي. پاڻي جي کوٽ ۽ بار بار ريفلنگ سبب فائر فائٽنگ ۽ ريسڪيو آپريشن متاثر ٿيو.
ڪميشن سول ڊفينس، ضلعي انتظاميا، ايس بي سي اي، فائر بريگيڊ، ريسڪيو 1122 ۽ برقي معائني جي نظام بابت پڻ سنگين سوال اٿاريا آهن. رپورٽ موجب ڪيترن ئي ادارن وٽ قانوني اختيار ۽ نگراني جا نظام موجود هئا، پر اهي مجموعي طور مؤثر انداز ۾ ڪم نه ڪري سگهيا.
ڪميشن موجب ريسڪيو 1122 جي پهچڻ کانپوءِ به ڪجهه وقت تائين ماڻهن کي بچائڻ جو موقعو موجود هو، پر ان موجود وقت کي وڏي پيماني جي ريسڪيو آپريشن ۾ تبديل نه ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته گل پلازا ۾ ماڻهو صرف باهه سبب نه، پر دير، اونداهي، بند رستن ۽ رڪاوٽ بڻجندڙ کڙڪين سبب به فوت ٿيا. ڪميشن موجب غير فعال حفاظتي نظام، غير مؤثر آڊٽ، ادارن ۾ ورهايل ذميواريون ۽ ريسڪيو جي موقعن کي بروقت استعمال نه ڪرڻ سان جاني نقصان وڌيو.


