سعودي عرب سميت نار ملڪن مان 21 هزار 951 پاڪستاني ملڪ بدر

1 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ منشيات ڪنٽرول واري وزارت جي لکت واري جواب موجب 1 مارچ کان 13 جولاءِ 2026ع تائين نار وارن ملڪن مان مجموعي طور 21951 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو.

جواب موجب پاڪستانين کي ويزا جي مدي کان وڌيڪ رهڻ، غيرقانوني داخلا، ويزا جي ڀڃڪڙي، پنڻ، جعلي دستاويزن، منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن ۽ سيڪيورٽي خدشن سميت مختلف سببن جي بنياد تي ملڪ بدر ڪيو ويو.

سعودي عرب مان سڀ کان وڌيڪ اٽڪل 15500 پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو، جڏهن ته يو اي اي مان 3803، عمان مان 1606، بحرين مان 521، قطر مان 429 ۽ ڪويت مان 97 پاڪستاني ملڪ بدر ٿيا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نار ملڪن مان ملڪ بدر ڪيل پاڪستانين ۾ 472 پنڻ وارا پاڪستاني پڻ شامل هئا.

Share This Article
Leave a Comment