نيپال ۾  ٻوڏ جون تباهڪاريون، فوتين جو انگ 669 ٿي ويو، 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم

2 Min Read

کٽمنڊو ( ويب ڊيسڪ ) نيپال ۾ ٻوڏ کانپوءِ گم ٿيل هزارين ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته ڪيترائي خاندان اڃا تائين پنهنجن پيارن جي واپسي جا منتظر آهن.

ريسڪيو اهلڪارن ڊگهي آپريشن کانپوءِ ملبي هيٺان ڦاٿل 97 ورهين جي عورت کي زنده بچائي ورتو. ٻئي طرف ٻوڏ دوران جهنگ ڏانهن ڀڄي وڃي وڻ تي چڙهي جان بچائيندڙ 8 ورهين جو ٻار ٽن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي ماءُ سان ملي ويو. زخمي ٻار کي هيلي ڪاپٽر ذريعي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.

ذريعن موجب ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 669 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن، جن ۾ 500 کان وڌيڪ پرڏيهي شهري به شامل آهن.

نيپال جي هماليائي سرحدي علائقي ۾ گليشيئر جو وڏو حصو ٽٽڻ کانپوءِ مٽي، برف ۽ ملبي جو وڏو ريلا دريائن ۾ داخل ٿيو، جنهن تباهي مچائي ڇڏي. ڪيترائي لاش ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي متاثر علائقن کان لڳ ڀڳ 100 ڪلوميٽر پري ميداني علائقن مان مليا آهن.

ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي کي پڻ سخت نقصان پهتو آهي. نيپالي پرڏيهي وزير موجب سرنگن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ، لاشن جي سڃاڻپ ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ خاص فني ۽ ٻاهرين سهڪار جي ضرورت آهي.

هوڏانهن گليشيئر جو برفاني وڏو ٽڪرو ٽٽڻ ۽ هزارين ميٽر هيٺ جهنگ ۾ موجود ڍنڍ ۾ ڪرڻ جي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي. برفاني پاڻي جي طاقتور لهر ۾ پٿر، وڻ ۽ مٽي شامل ٿيڻ سان خطرناڪ ٻوڏ پيدا ٿي.

Share This Article
Leave a Comment