گمبٽ: ٻڪر جي ڄنگهه وڍڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

2 Min Read

گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ )  بي زبان ٻڪر تي تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي خيرپور واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڪر جي مالڪ ڪامران ٿيٻو جي فرياد تي گمبٽ ٿاڻي تي بااثر راڻو ونڊير سميت ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

اطلاعن موجب گمبٽ ڀرسان ڳوٺ بهرام ٿيٻو ۾ هڪ ٻڪر وڏيري جي زمين تي داخل ٿي ويو، جنهن تي ڪاوڙيل جوابدار مبينا طور ٻڪر تي تشدد ڪندي ان جي ٽنگ ڀڃي ڇڏي. واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ عوامي ۽ سماجي حلقن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

سماجي ڌرين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ بي زبان جانورن تي تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اٺ تي تشدد جو واقعو سامهون آيو، جڏهن ته ٺري ميرواه ۾ پڻ گڏهه تي تشدد ڪيو ويو هو، ۽ هاڻي گمبٽ ۾ ٻڪر سان ظلم جو واقعو پيش آيو آهي.

سماجي ڪارڪنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت ۽ سنڌ پوليس اهڙن واقعن جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف سخت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪن، جيئن بي زبان جانورن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪي سگهجي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آڻي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment