گمبٽ ڀرسان ڪارنهن جي تهمت هيٺ نوجوان ناري قتل

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ ڀرسان بهارو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ستابو ۾ مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ نوجوان ناري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب مقتولا سيما ڌيءَ رجب باريجو هئي، جنهن کي سندس چاچي علي گل باريجو مبينا طور فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس موجب جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واقعي بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون اچي سگهنديون.

Share This Article
Leave a Comment