گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي گائني وارڊ ۾ نئون ڄاول ٻار فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن ڊاڪٽرياڻين تي مبينا غفلت جو الزام لڳايو آهي.
فوت ٿيل ٻار جي والد نظام الدين جوڻيجو موجب هو ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ موجود هئا ۽ ڊاڪٽرياڻين کي بار بار آپريشن ذريعي ٻار پيدا ڪرائڻ جي درخواست ڪئي، پر سندن درخواست تي عمل نه ڪيو ويو ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس گهرواري جي نارمل ڊليوري ڪرائي وئي.
هن موجب ڊليوري کانپوءِ ٻار کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ انڪيوبيٽر ۾ رکيو ويو، جنهن دوران حالت خراب ٿيڻ بعد ٻار فوت ٿي ويو.
وارثن سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ لاڳاپيل اختيارين کان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ، مبينا غفلت جي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


